مصري عربي صورتخطي (ھن ٻوليءَ جا اچار۽ حرف علت)

مصري عربي صورتخطي (ھن ٻوليءَ جا اچار۽ حرف علت)

مصري عربي صورتخطي (ھن ٻوليءَ جا ھيٺيان سُر)

مصري عربي صورتخطي (ھن ٻوليءَ جا ھيٺيان سُر)

لبناني عربي (ھن ٻوليءَ جا حرف علت ۽ سُر)(vowels)

لبناني عربي (ھن ٻوليءَ جا حرف علت ۽ سُر)(vowels)

موراڪائي عربي (ھن ٻوليءَ جا حرف علت ۽ وسرڳ)(vowels)

موراڪائي عربي (ھن ٻوليءَ جا حرف علت ۽ وسرڳ)(vowels)

سيريائي عربي

سيريائي عربي

تونسيائي عربي (Tunisian Arabic)

تونسيائي عربي (Tunisian Arabic)

الجيريائي عربي (ھن ٻوليءَ جا اچار ۽ حرف علت)

الجيريائي عربي (ھن ٻوليءَ جا اچار ۽ حرف علت)

الجيريائي عربي (ھن ٻوليءَ جا سُر)

الجيريائي عربي (ھن ٻوليءَ جا سُر)

ڪوفي لکت

ڪوفي لکت

ڪوفي لکت

ڪوفي لکت

عربي لپي Arabic Script

عربي لپي (Arabic Script): عربي لکت جي تاريخ بابت ٻه ذريعا، روايتون ۽ ڪتبا آهن. ڪتبن جو ملڻ موجوده دور جو ڪارنامو آهي. قديم تاريخ نويسن روايتن کي سامهون رکيو آهي (جيئن ابن نديم پنهنجي ڪتاب ‘الفهرست’ ۾ ۽ بلاذري ‘فتوح البلدان’ ۾، انهن ۾ ڪي شڪي آهن ۽ ڪن جي موجوده تحقيقات مان ترديد ٿئي ٿي.) ڪتبن مان ثابت ٿئي ٿو ته عربن ٽين صدي عيسويءَ ۾ قِبطي لپي اختيار ڪئي ۽ چوٿين يا پنجين صدي عيسويءَ تائين انهيءَ ۾ تبديلي ڪري ڪيتري حد تائين انفراديت پيدا ڪئي.
عربي لپيءَ جا قديم ۽ مشهور ڪتبا هي آهن:
ابتدائي ڪتبا: (1) نقش نماره: (تاريخ لکت 328ع) اِهو نقش ڏکڻ اوڀر نماره هنڌ تان مليو هو، جنهن جي ٻولي عربي آهي. لکت قبطي پر عربي لپيءَ جون ڪي خصوصيتون نمايان آهن. (2) نقش زبد: (لکت جي تاريخ 511ع) اهو ڪتبو 1879ع ۾ زبد نالي هنڌ تان حلب جي ويجهو مليو هو. اهو ڪتبو يوناني، سُرياني ۽ عربي ٽن لکتن ۾ آهي. (3) نقش حران: (لکت جي تاريخ 528ع) اهو ڪتبو جبل الدرون جي اترئين علائقي ۾ حران جي هڪ گرجا جي دروازي تي اُڪريل آهي. اهو يوناني ۽ عربي ٻن لکتن ۾ آهي.
لسانيات جو ماهر ڊاڪٽر جيٽلي لکي ٿو ته، “عربي لپيءَ جون مکيه ٻه عبارتون آهن. هڪ نسخي ۽ ٻي ڪوفي نسخي لپيءَ جي اوسر اتر حجاز ۾ ٿي ۽ پوءِ ان جو پرچار مڪي ۽ مديني ۾ ٿيو.
ڪوفي لپيءَ جي ترقي ميسوپوٽيميا جي مشهور علمي مرڪزن، ڪُوفا، بصره ۾ ٿي. ٻين ڪن عالمن جي راءِ ۾ عربي لپيءَ جو جنم ميسوپوٽيميا جي ال - حرا نالي شهر ۾ ٿيو. انهن جدا راين مان ظاهر آهي ته شروعاتي دور ۾ عربي لپيءَ جي ترقي مڪي، مديني، ڪوفا، بصره ۽ دمشق ۾ ٿي. انهن هنڌن تي عربي لکڻ جي جدا جدا عبارت فارس (ايران) جي بادشاهن جي درٻار ۾ پسند ڪئي ويندي هئي. “نستعليق عبارت ۾ نسخ ۽ تعليق ٻنهي جو سهڻو ميلاپ آهي. ‘شڪست’ لکاوٽ ۾ نقطن جو استعمال ڪونه ڪيو ويندو آهي ۽ سڀ حرف پاڻ ۾ گڏي لکيا ويندا آهن، جنهن ڪري عام طور ان لپيءَ کي پڙهڻ مشڪل آهي.”
ڊاڪٽر آفتاب ابڙو لکي ٿو ته، “پراڻين لکتن جي ماهرن جي راءِ آهي ته عربي لپيءَ جي اوسر نباتي ۽ نئين سناتي لکتن مان ٿي آهي. دمشق جي ڀرسان چوٿين پنجين عيسوي صديءَ جا لکيل نباتي لپيءَ (Conical Script) جا ڪجهه ليک هٿ آيا آهن. انهن ليکن جي ٻولي پراڻي عربي آهي. انهيءَ ٻوليءَ جي لپيءَ ۾ اسان کي هاڻوڪي عربي لپيءَ جي حرفن جي شروعاتي صورت نظر اچي ٿي.”
ڪتاب ‘ڏکڻ ايشيا جون ٻوليون ۽ لپيون’ موجب هيءَ لپي دنيا جي قديم ٻوليءَ، عربيءَ جي لکت لاءِ مقرر ٿيل علامتي لکت واري الف- ب آهي.
عربي لپي پدي حرفي قسم جي آهي. هن ۾ ڪل 28 اکر يعني لکت جون علامتون آهن. عربيءَ ۾ پ ۽ گ ڌاريان کنيل اکر آهن. هيءَ لپي ساڄي کان کاٻي طرف افقي سٽن ۾ لکبي آهي. هن جا اکر گڏي به لکيا وڃن ٿا، جن لاءِ ڪي قاعدا پڻ مقرر ٿيل آهن.
هن لپيءَ ۾، اعرابن جو وسيع نظام آهي. هن ۾ ٻوليءَ جا ڊگها سُر (Vowels) آ- اي- او ۽ اي ڌار نموني نشانين سان ظاهر ڪبا آهن. اعرابون اکرن جي هيٺان ۽ مٿان ڏيئي آوازن کي چٽو ۽ واضح نموني لکيو ويندو آهي. الله تعالى، وحيءَ ذريعي، حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن سان هن ٻولي ۾ ڪلام ڪيو ۽ پنهنجو پاڪ ڪتاب قرآن پاڪ پڻ هن ئي ٻوليءَ ۾ حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن تي آيتن جي صورت ۾ نازل ڪيو، تڏهن اسلامي دنيا ۾ هن لپيءَ کي مقدس لپي سمجهيو وڃي ٿو.
قرآني زبان هئڻ ڪري عربي ٻولي ۽ لپيءَ کي تمام وڏي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. عربي لپيءَ ۾، 28 وينجن ۽ 12 سر آهن. سُرن يعني (Vowels) کي صوتياتي حيثيت حاصل آهي. اهي هن ٻوليءَ ۾ حرف طور نٿا ڳڻجن.
عربي ٻولي دنيا جي چند ٻولين جهڙوڪ: فرينچ، سنڌي، انگريزيءَ وانگي دنيا جي اڪثر وڏين ۽ قديم تهذيبن جي ٻولين تي دسترس حاصل ڪري وٺندڙ ٻولي آهي. نه فقط ايترو پر هن ٻوليءَ ڪيترين ئي ٻولين کي پاڻ ۾ ضم (Absorb) به ڪري ڇڏيو آهي. اهڙيءَ ريت هن ٻوليءَ جيان عربيءَ جي لکت پڻ جاندار سرشتي عيوض گهڻين ٻولين جي لکڻ لاءِ اڄ به مددگار آهي. خود سنڌي ٻوليءَ جي 1853ع واري منتخب رسم الخط کي پڻ عربي لکت جي صورت ۾ لکڻ شروع ڪيو ويو، جيڪو اڄ به رائج آهي، ۽ ان کي عربي- سنڌي رسم الخط سڏين ٿا. عربي رسم الخط، مصر، الجزائر، موراڪو، ميسوپوٽيميا، هندستان، پاڪستان، سنڌ، ترڪي، ايران ۽ تقريباً سموري مسلم دنيا ۾ رائج آهي.
عربي ٻوليءَ جي صورتخطي ڪيترن ئي ملڪن ۾ رائج آهي. اتي ٿوري گهڻي ڦيرڦار يا لهجاتي فرق سان ڳالهائي ۽ لکي وڃي ٿي، جن جو مختصر ذڪر ڪجي ٿو:
مصري عربي صورتخطي: هي مصر جي 50 ملين ماڻهن جي ٻولي آهي. اهي ماڻهو ان کان سواءِ آهن، جيڪي وچ اوڀر، يورپ ۽ اتر آفريڪا کان لڏي اچي هتي ويٺا آهن. مصري عربي فلمن ۽ ٽيليويزن جي پروگرامن سبب گهڻي سمجهي ۽ ڳالهائي وڃي ٿي. مصر ۾ عربي ٻولي 7 صدي عيسويءَ ۾ مسلمان فاتحن آندي هئي. هن عربيءَ تي ڪوپيائي (Coptic) ٻوليءَ جو اثر آهي، جيڪا قديم مصري ٻوليءَ جي پونئر آهي. ڪوپيائي ٻولي عربيءَ سان گڏ 17هين صدي عيسويءَ تائين هتي ڳالهائي ويندي هئي. ساڳئي وقت ترڪيءَ ۾ به هيءَ ٻولي رائج هئي. ڪيريو عربي، مصري عربيءَ جو لهجي آهي، جيڪو مصر جي گاديءَ واري هنڌ ڪيريو ۾ ڳالهايو وڃي ٿو. هن لهجي ۾ ئي عام بحث مباحثا ۽ ڳالهه ٻولهه ٿئي ٿي. جڏهن ته جديد عربي ڪن خاص مقصدن لاءِ استعمال ٿيندي آهي. مقامي طور هن ٻوليءَ کي اللغة المصر الحاميه ۽ اللهجة المصرية، مصري ۽ اللغة الحديثة جي نالن سان سڃاتو وڃي ٿو.
هن ٻوليءَ جا اچار ۽ حرف علت هي آهن:
هن ٻوليءَ ۾ هيٺيان سُر آهن:
لبناني عربي: هي لبنان جي چئن ملين ماڻهن جي ٻولي آهي. هن ٻولي (لهجي) ۾ آرامي يوناني، فرينچ ۽ ترڪي ٻوليءَ جا لفظ اچي ويا آهن. هي لکت ۾ گهٽ اچي ٿي، پوءِ به هن ۾ ڪجهه ناول ۽ شاعري لکيل آهي. هن لاءِ عربيءَ واري صورتخطي استعمال ٿئي ٿي، پر ڪڏهن ڪڏهن لاطيني صورتخطي به استعمال ٿئي ٿي. هن ٻوليءَ جا حرف علت ۽ سر (vowels) هي آهن:
موراڪائي عربي: هي موراڪائي عربي، موراڪو جي 20 ملين ماڻهن جي ٻولي آهي، جيڪا اتي روزمرهه جي گفتگوءَ ۾ ڪم اچي ٿي، جڏهن ته جديد ڪلاسيڪي عربي سرڪاري آفيسن يا ٻين هنڌن تي استعمال ٿيندي آهي، پر فرينچ ۽ موراڪائي عربي گهڻو ڪري واپاري ڳالهائين ٿا. موراڪائي ٻولي لکڻ جي خاص ترتيب ڏنل صورتخطي ڪانه آهي ۽ لکت ۾ به گهٽ ملي ٿي. هي اخبارن، رسالن ۽ شاعريءَ ۾ استعمال ڪئي وڃي ٿي. اصل عربيءَ جا گهڻا لفظ هن ٻوليءَ ۾ شامل آهن، پر ساڳئي وقت بربر ٻولي، فرينچ ۽ اسپيني ٻوليءَ مان به ڪافي لفظ اڌارا ورتل آهن. هي ٻولي تونيسيا، الجيريا ۽ لبيا ۾ به ڳالهائي وڃي ٿي. هن جا حرف علت ۽ وسرگ (vowels) هي آهن:
سيريائي عربي: هي عربيءَ جو لهجو سريا ۽ لبنان ۾ ڳالهايو وڃي ٿو. دمشق ۾ ٽي لهجا ڳالهايا وڃن ٿا. هڪڙو وچ ملڪ ۾، ٻيو اتر سريا ۾ ٽيون لهجو اڀرندي سريا ۾، پر اڀرندي سريا ۾ عراقي عربي ۽ اتر ميسوپوٽيائي لهجا گڏ ڳالهايا وڃن ٿا.
تونسيائي عربي (Tunisian Arabic): تونسيائي عربي مغربي عربيءَ جو هڪ قسم آهي، جيڪو 11.2 ملين ماڻهو ڳالهائين ٿا. هن ٻوليءَ جو لهجو الجيريائي عربي ۽ لبيائي عربيءَ سان ملندڙ آهي. پر مالٽيز (Maltese) ٻوليءَ کي گهڻو ويجهو آهي.
هيءَ ٻولي جديد عربيءَ کان مختلف آهي. جڏهن هن ۾ عربي لفظن جي گهڻائي بربر، فرينچ، ترڪي، اٽلي ۽ اسپيني زبانن کان به لفظ اڌارا ورتا آهن.
هي توسيا جي گهرو ۽ ڪاروباري ٻولي آهي، جنهن ۾ ٽيليويزن، فلمن ۽ ڊرامن جا گهڻا پروگرام ٿين ٿا. جڏهن ته عربي ٻولي، تعليم، ادب ۽ اخبارن ۾ استعمال ٿئي ٿي.
تونسيائي عربيءَ ۾ تمام گهٽ لکيو وڃي ٿو. هن لپيءَ جي صورتخطي ساڳي عربيءَ واري آهي:
تونسيائي عربي لکڻ لاءِ رمزي هچاني نالي عالم لاطيني (Latin) صورتخطيءَ وسيلي لکڻ لاءِ هيءَ لپي ايجاد ڪئي هئي، جيڪا مالتي ٻوليءَ جي صورتخطيءَ تي انحصار رکي ٿي.
الجيريائي عربي (Algeria Arabic): هي به عربي ٻوليءَ جو مغربي لهجو آهي، جيڪو الجيريا ۾ اٽڪل 20 ملين ماڻهو ڳالهائين ٿا. هي گهرن ۾ عام استعمال جي ٻولي آهي. هن ٻوليءَ ۾ به بربر، فرينچ، اسپيني ۽ ترڪي ٻوليءَ جا لفظ اڌارا ورتل آهن. هن ٻوليءَ جي صورتخطي هي آهي.
هن ٻوليءَ جا اچار ۽ حرف علت هي آهن:
هن ٻوليءَ ۾ هيٺيان سُر آهن:
اشاعت: عربي لپيءَ جي اشاعت ۾ اسلام جو وڏو هٿ هو، جتي جتي اسلام پهتو، اتي اتي عربي لکت پهتي. قرآن مجيد جي لکت عربي لپيءَ ۾ آهي. انهي ڪري قرآن کي پڙهڻ لاءِ عربي لکت جي سکيا ضروري آهي ۽ عربي لپيءَ کان واقفيت حاصل ٿيڻ ڪري مقامي ٻوليون به انهيءَ لپيءَ ۾ لکجڻ لڳيون.
عربي لپي، عرب کان سواءِ مصر، طرابلس، تيونس، الجزائر، مراڪش، سوڊان، حبش، صومالي لينڊ، زنجبار، لبنان، شام، عراق، ايران، افغانستان، ڪُردستان، مڪران، پامير، پاڪستان، هندستان، قازان، ملايا ۽ جاوا ۾ به استعمال ٿيندڙ آهي، ۽ ماضيءَ ۾ اها اندلس، صقليه، مڊغاسڪر ۽ ترڪيءَ ۾ به رائج هئي. مصطفيٰ ڪمال پاشا ترڪيءَ ۾ عربي لپيءَ کي منسوخ ڪري اتي رومن لکت کي رائج ڪيو.
ڪوفي لکت: ڪوفي لکت ڪوفي جي شهر سان منسوب آهي، جيڪو ڪنهن دور ۾ مسلمانن جو علمي مرڪز هو. جيتوڻيڪ انهي لکت جو استعمال ڪُوفي شهر جي بنياد پوڻ ۽ شام جي فتح کان اڳ به موجود هو، پر هتي جي ڪاتبن انهيءَ لکت کي ايتري ترقي وٺرائي جو اُها ڪُوفي جي نالي سان مشهور ٿي وئي.
رسول الله صلي الله عليه وسلم جي زماني ۾ عرب ۾ ڪوفي لکت رائج هئي. انهيءَ ڪري آنحضرت صلي الله عليه وسلم جن به انهيءَ لکت ۾ لکپڙهه ڪندا هئا.
پاڻ سڳورن سن 6 هجري/ 618ع ۾ مختلف بادشاهن ۽ سردارن جي نالي جيڪي تبليغي خط روانا ڪرڻ فرمايا هئا، انهن مان ٻه تمام گهڻو مشهور آهن. هڪڙو خط بحرين جي حاڪم منذر بن ساويٰ جي نالي آهي ۽ ٻيو خط مقوقس عامل مصر جي نالي، جنهن متعلق روايت آهي ته، 7 هجريءَ ۾ اهو حضرت علي ڪرم الله وجهه لکيو هو. انهيءَ وقت تائين اکرن تي نقطا لڳائڻ ۽ اعراب ڏيڻ جو رواج نه هو، جنهنڪري فرمانِ رسالت به انهن نشانين کان خالي آهي. ڪوفي لکت جو سڀ کان مشهور ڪتبو، يروشلم جو ڪتبو ‘قبة الصخرا’ اهميت جو حامل آهي. گنبذ ٽيڪيل آهي ۽ ان جي محرابن تي نيري پٿر جي چوڪن جو حاشيو ٺهيل آهي، جنهن تي سونن اکرن ۾ قرآني آيتون نقش ٿيل آهن. اها عمارت خليفي عبدالملڪ سن 72 هجريءَ ۾ تعمير ڪرائي هئي. پر ڪن شاهدين مان پتو پوي ٿو ته خليفي المامون هن عمارت مان سندس نالو ڪڍرائي پنهنجو نالو لکرائي ڇڏيو هو. ڪتبي ۾ اڏاوت جو سن 72 هجري آهي، جڏهن ته مامون جو زمانو 198 هجريءَ کان 218 هجري آهي.
عرب ليکڪن جي راءِ مطابق ڪوفي لکت سطرنجيليءَ تان ورتل هئي، پر ڪوفي لپيءَ جا پراڻا ڪتبا انهيءَ خيال جي ترديد ڪن ٿا. انهن جا اکر انهيءَ زماني جي سرياني اکرن کان ڪيترين ئي ڳالهين ۾ مختلف آهن. پر ڏٺو وڃي ته، پوءِ واري ڪُوفي لکت سريانيءَ سان ڪنهن حد تائين مشابهت رکندڙ آهي، جنهن جو خاص ڪارڻ اِهو هو ته ڪوفيءَ ۾ سطرنجيلي لکت رائج هئي، جنهن جي اثر ڪري ڪوفي کي سطرنجيلي نموني سان لکڻ لڳا.
اعرابون: خلافت راشده تائين اکرن تي نقطا نه هئا ۽ نه زير زبر لڳائي ويندي هئي. صرف اشارا ڏنل هوندا هئا ۽ انهن کي اهو ئي شخص پڙهي سگهندو هو، جيڪو عربي زبان جو ماهر هجي. جڏهن اسلام جو ڦهلاءُ غير عرب قومن ۾ ٿيو. قرآن جي تلاوت ۾ ڏکايون پيش آيون.
اٽڪل 50 هجريءَ ۾ حضرت علي عليه السلام جي شاگرد ابوالاسود دوئلي اعراب ايجاد ڪئي، پر ان جي صورت نقطن جي هئي. زير لاءِ اکر جي هيٺان هڪ نقطو ڏنو ويندو هو، زبر جي لاءِ مٿي، پيش لاءِ پاسي کان ۽ تنوين لاءِ ٻه نقطا لڳايا ويندا هئا. (تنوين مان مراد آهي، ڪنهن اکر تي ٻه زبرون، زيرون يا پيش ڏيئي ن جو آواز ڪڍجي) اهو خيال شايد سرياني لپيءَ تان ورتو ويو هو.
جڏهن اسلام مصر ۽ ايران ۾ ڦهليو ته ماڻهن کي هم شڪل اکرن جهڙوڪ: ج، ح، خ يا ب، ت، ث وغيره سبب نه صرف قرآن مجيد پڙهڻ ۾ ڏکيائيون پيش آيو، پر خط ڪتابت ۽ روزاني لکڻين کي پڙهڻ ۾ به اختلاف سامهون اچڻ لڳا. اها حالت ڏسي خليفي بن مروان'>عبدالملڪ بن مروان 65 هجريءَ ۾ ان وقت عراق جي گورنر حجاج بن يوسف کي لکت جي سڌاري جو حڪم ڏنو. حجاج بن يوسف جي خواهش مطابق نصر بن عاصم اکرن
۾ فرق ڪرڻ لاءِ نقطا ٺاهيا ۽ هيءُ قاعدو مقرر ڪيو ته نقطن وارن اکرن تي ڪارا نقطا ڏنا وڃن ۽ اعراب لاءِ قرمچي رنگ جا نقطا لڳايا وڃن. اهڙيءَ طرح نقطن وارن اکرن ۾ فرق پيدا ٿيو. نقطن ذريعي اعراب لڳائڻ جو اهو سلسلو اٽڪل ٽيهن چاليهن سالن تائين هليو. پوءِ عبدالرحمان خليل بن احمد عروضي (وفات 100 هه) اعرابن جون خاص شڪليون ٺاهيون، جنهن کان پوءِ اعرابن لاءِ قرمچي رنگ جي نقطن جو استعمال ترڪ ڪيو ويو.
نوان اکر: پهريائين عربيءَ ۾ ڪل 22 اکر هئا، جن ۾ پوءِ ڇهن اکرن (ث، خ، ذ، ض، ظ، غ) جو اضافو ڪيو ويو. اهي ڇهه ئي اکر عربي ٻوليءَ جا مخصوص آهن. انهن کي ت، ح، د، ص، ط، ۽ ع ۾ هڪ هڪ نقطو ڳنڍي ٺاهيو ويو هو ۽ اهي ئي اکر نون ايجاد ٿيل اکرن جي نالن جو به سرچشمو هئا. چوٿين صدي عيسويءَ ۾ لام الف (لا) ايجاد ٿيو، پر اهو ڪو مستقل اکر نه آهي. همزه (ء) کي شامل ڪري عربي اکرن جو ڳاڻيٽو 29 مڃيو وڃي ٿو. پهريان عربي اکرن جي ترتيب هن ريت هئي:
ا ب ج د ه و ز ح ط ي ڪ ل م ن س ع ف ص ق ر ش ت ث خ ذ ض ظ غ هيءَ ترتيب تمام پراڻي آهي، (صرف آخري ڇهه اکر عربن جو اضافو آهن. انهيءَ ڪري انهن کي آخر ۾ رکيو ويوويو آهي) انهيءَ کي ‘ترتيب ابجد’ چون ٿا، ڇاڪاڻ ته پهريان چار اکر ملائڻ سان لفظ ابجد ٺهي ٿو.
ڪن وري سرچشمي جي لحاظ کان اکرن جي ترتيب ڏني آهي، جيئن ته ڪتاب العين ۾ الخليل ۽ تهذيب ۾ الازهري سرچشمي واري ترتيب کي نظر ۾ رکي انهن کي درج ڪيو آهي. اکرن جي موجوده ترتيب صورتن جي لحاظ کان آهي، يعني جيڪي اکر ساڳيءَ طرح لکيا وڃن ٿا، انهن کي هڪٻئي جي پاسي ۾ رکيو ويو آهي:
ا ب ت ث ج ح خ د ذ ر ز س ش ص ض ط ظ ع غ ف ق ڪ ل م ن و ه لا ء ي.
روايت آهي ته ابن مقله (وفات 328ع) ٻارن جي سهولت لاءِ اکرن کي انهيءَ ريت ترتيب ڏنو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو